پاڪستان

تازه خبرون

November 14, 2021 3:26 pm

مخالف ڌر جي اسٽيئرنگ ڪميٽي حڪومت پاران شخصي بنيادن تي قانون سازي جي عمل کي رد ڪري ڇڏيو ۽ سهڪار نه ڪرڻ جو فيصلو

پارليامينٽ ۾ متحده اپوزيشن قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر کي جوابي خط لکي ڇڏيو،

متحد اپوزيشن جي اسٽيرنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ اسپيڪر کي خط لکيو ويو، مخالف ڌر اسپيڪر کي خط ۾ پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ قانون سازي بابت درست رستو ڏيکاري ڇڏيو،

خط ۾ ڄاڻايو ويو ته قومي مفاد خاص ڪري عوام تي پوندڙ اثرن واري قانون سازي اتفاق راءِ ۽ صلاح مشوري سان ٿيڻ گهرجي.

خط ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته چونڊ سڌارن  تي پارليامينٽ جي ٻنهي ايوانن تي ٻڌل ڪميٽي پئڪيج تيار ڪري،ڪميٽي چونڊ سڌارن بابت بلز اتفاق راءِ سان تيار ڪري.

خط ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو ته اسان سمجهون ٿا ته قومي اهميت جي معاملن تي اتفاق راءِ ضروري آهي،پارلياماني طريقئڪار ۽ روايتن تي عملو ڪيو وڃي…..

مخالف ڌر جي اسٽيئرنگ ڪميٽي حڪومت پاران شخصي  بنيادن تي قانون سازي جي عمل کي رد ڪري ڇڏيو ۽ سهڪار نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.

خط ۾ ڄاڻايو ويو ته اسپيڪر 23 جون 2021 تي قانون سازي بابت ڪميٽي جوڙي،ڪميٽي 10 جوان 2021 تي قومي اسيمبلي مان منظور ڪيل 21 قانوني مسودن تي غور ڪرڻو هو،

حڪومت قانون سازي لاءِ طئي ڪيل طريقئڪار تي عمل ڪرڻ کان انڪار ڪيو.

مخالف ڌر ياد ڏياريو ته ان ڪميٽي جا ٽي اجلاس ٿيا،حڪومتي ميمبرن جي سهڪار نه ڪرڻ تي  معاملي کي آخري شڪل  نه ڏني وئي،انهن قانوني مسودن کي سينيٽ رد ڪري ڇڏيو، هي مسودا پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس حوالي ٿي چڪا آهن، اهڙين حالتن ۾ اسپيڪر جي ڪميٽي جو مقصد ختم ٿي ويو،

ان کان اڳ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف جي صدارت هيٺ اسٽيئرنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي خط تي غور ڪيو ويو ۽ خط جو جواب اڄ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو .

اجلاس ۾  سينيٽ ڪميٽي مان ق ليگ ۽ ايم ڪيو ايم کي ڪڍڻ تي ڳڻتي ظاهر ڪندي، ٻنهي پارٽين سان رابطي جو فيصلو ڪيو ويو.

گڏيل مخالف ڌر نيب جي چيئرمين جي مدي ۾ واڌ لاءِ جاري ڪيل آرڊيننس کي شخصي بنيادن تي قانون سازي قرار ڏنو ويو ۽ چيو ويو ته حڪومت جي اهڙن قدمن جي حمايت نه ڪئي ويندي.

مخالف ڌر اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن جي مقرري جي حوالي سان ڪميٽي ۾ حڪومتي ميمبرن جي شموليت کي رد ڪيو ويو.

اجلاس ۾ ڄاڻايو ويو ته قانون سازي اهڙي ڪرڻ گهرجي ، جيڪا آئين ۽ قانون سان هم آهنگي رکندي هجي..

وڌيڪ پڙهو: