KTN News

محسن نقوي پاران پختونخوا حڪومت کان واپس ورتل گاڏيون بلوچستان کي ڏيڻ جو اعلان۔

اسلام آباد: وفاقي وزير داخلہ محسن نقوي خيبرپختونخوا حڪومت پاران واپس ڪيل گاڏيون بلوچستان کي ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي۔

وزيراعليٰ بلوچستان سرفراز بگٽي سوشيل ميڊيا تي وفاقي وزير داخلہ کان اپيل ڪئي هئي ته خيبرپختونخوا حڪومت پاران واپس ڪيل بُلٽ پروف گاڏيون بلوچستان کي فراهم ڪيون وڃن۔

وزيراعليٰ جي درخواست تي محسن نقوي فوري ردعمل ڏيندي اعلان ڪيو ته خيبرپختونخوا مان واپس ايندڙ بلٽ پروف گاڏيون هاڻ بلوچستان کي ڏنيون وينديون۔

واضح رهي ته وزيراعليٰ خيبرپختونخوا سهيل آفريدي وفاقي وزير داخلا پاران پوليس کي ڏنل بلٽ پروف گاڏيون واپس ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي۔

سهيل آفريدي جو چوڻ هو ته وفاقي وزير داخلا پاران پوليس کي ڏنل بلٽ پروف گاڏيون ناقص ۽ پراڻيون آهن، جيڪي خيبرپختونخوا پوليس جي توهين آهن، اهي گاڏيون واپس ڪيون وڃن۔ اڳوڻن وزيراعليٰ کان ورتل سيڪيورٽي ٻيهر فراهم ڪئي وڃي ته جيئن انهن جي تحفظ کي يقيني بڻائي سگهجي۔ امن امان اسان جي حڪومت جي پهرين ترجيح آهي، جنهن تي ڪو به سمجهوتو نه ڪيو ويندو۔

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube