پاڪستان

January 14, 2022 1:54 pm

مجبوري سبب عالمي مالياتي فنڊ وٽ وڃڻو پوي ٿو ۽ ان جا شرط به مڃڻا پون ٿا : وزير اعظم عمران خان

وزير اعظم عمران خان قومي سلامتي پاليسي جي دستاويز تي صحيحون ڪري ڇڏيون،

عمران خان چيو آهي ته آءِ ايم ايف جا شرط مڃيون ٿا ته سيڪيورٽي متاثر ٿئي ٿي، شرطن سبب عوام تي بار پئجي رهيو آهي،

مجبوري سبب عالمي مالياتي فنڊ وٽ وڃڻو پوي ٿو ۽ ان جا شرط به مڃڻا پون ٿا.

اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته اسان کي هيٺين طبقي کي تحفظ ڏيڻو آهي، سنڌ کانسواءِ سمورن صوبن کي هيلٿ انشورنس ڏني آهي.

عمران خان چيو ته مارچ تائين ٽن صوبن جي هر خاندان وٽ هيلٿ انشورنس ڪارڊ هوندو.

هن چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سيڪورٽي فورسز  بي پناهه قربانيون ڏنيون،ماضي ۾ ملڪ کي معاشي طور مضبوط نه ڪيو ويو.

هن چيو ته ڪوشش آهي ته رياست ۽ عوام هڪ رستي تي هلن،رياست ڪمزور طبقي جي ذميواري وٺندي آهي،اسان وٽ ڊسپلن ۽ تربيت ورتل فوج آهي.

وزير اعظم چيو ته ملڪ کي قانون جي حڪمراني جو چيلينج درپيش آهي،قانون جي بالادستي نه هجي ته معاشري ۾ غربت ايندي آهي،قانون جي حڪمراني کانسواءِ ڪو به ملڪ ترقي ڪري نٿو سگهي..

هن چيو ته ملڪ جي معيشت ڪمزور هوندي ته دفاع به ڪمزور ٿيندو،هن اڳوڻي سويت يونين جو مثال ڏيندي چيو ته عالمي طاقت جو مثال اسان جي سامهون آهي،

هڪ طاقتور فوج هجڻ باوجود  ملڪ رهي نه سگهيو، ملڪ کي محفوظ ڪرڻ تي  هٿياربند فوج  کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو.

ان کان اڳ  سلامتي بابت صلاحڪار معيد يوسف ملڪ جي پنجن سالن تائين سيڪورٽي دستاويز جو هڪ حصو  پبلڪ ڪيو..

وڌيڪ پڙهو: