اهم خبرون

سنڌ

December 17, 2021 2:42 pm

متحده ٻٽي پاليسي واري سياست ڪري رهي : شهلا رضا

صوبائي وزير شهلا رضا چيو آهي ته لسانيت جي بنياد تي سياست سمجهه کان ٻاهر آهي،

متحده ٻٽي پاليسي واري سياست ڪري رهي آهي، هي وفاق ۾ تڪراري آدمشماري تي نه ٿا ڪڇن پر ڪراچي ۾ پهچڻ کان پوءِ ڪراچي جا چيمپيئن بڻجي وڃن ٿا،

مڪاني بل تي مخالف ڌر کي ترميمون ڏيڻيون هيون پر اهي ايوان ۾ گوڙ ڪندا رهيا،

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شهلا رضا چيو ته لسانيت جي بنياد تي سياست سمجهه کان ٻاهر آهي،

مڪاني بل تي جهڙي طريقي سان مشاورت ٿيڻ گهرجي ها نه ٿي سگهي ڇاڪاڻ ته اليڪشن ڪميشن جو دٻاءُ هو.

پنجاب ۾ هي بل آرڊيننس وسيلي آندو ويو ڇا اتي پراپرٽي ٽيڪس جا اختيار لوڪل ڪائونسل کي ڏنا ويا آهن ؟

وڌيڪ پڙهو: