پاڪستان

December 6, 2021 2:43 pm

مان ٻن ڏينهن کان ڊپريشن ۾ آهيان : شيخ رشيد

وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد سيالڪوٽ واقعو افسوسناڪ آهي، قانون تي عملدرآمد نه ٿيندو ۽ دهشتگردي خلاف پختو هٿ نه وڌو ويندو ته اهڙي قسم جا واقعا ٿيندا رهندا.

قومي سلامتي ڪميٽيءَ جي اجلاس کان اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته اپوزيشن کي گذريل ڏينهن جي چونڊن کان سبق سکڻ گهرجي،

جتي انساني همدردي هجي، اتي 10 سيڪڙو ئي ووٽ ملندا آهن.

هن چيو ته شائسته بي بي 10 سيڪڙو ووٽن سان ميمبر بڻي آهي، 82 سيڪڙو ماڻهن گذريل چونڊن ۾ حصو ورتو

کٽيندڙ پارٽي،هارائيندڙ پارٽي ۽ حصو نه وٺندڙ پارٽي خوش آهي، اهڙي چونڊ زندگي ۾ ناهي ڏٺي.

شيخ رشيد چيو ته اليڪشن ثابت ڪيو ته سياسي پارٽيون رڳو ميڊيا هائوسز جي سهاري زنده آهن.

هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي گهرو وزير وڌيڪ چيو ته مان ٻن ڏينهن کان ڊپريشن ۾ آهيان،

واقعو افسوسناڪ آهي، اسان ڀارت تي الزام هڻندا هئاسين ته اتي مسلمانن سان ناروا سلوڪ ٿيندو آهي..

وڌيڪ پڙهو: