پاڪستان

November 29, 2021 1:21 pm

مان سڀ کان وڌيڪ خيرات قوم کان گڏ ڪندو آهيان : وزير اعظم پاڪستان

وزيراعظم عمران خان موبائل فون کي دنيا جو وڏو چيلينج قرار ڏيندو چيو آهي ته موبائيل فون سان فائدو ضرور آهي پر ان ذريعي جيڪو پورنو گرافڪ مواد اچي ٿو، ان جو وڏو نقصان آهي،

اسان سوشل ميڊيا بند نٿا ڪري سگهون پر پنهنجي ٻارن کي صحيح ۽ خراب جي تميز ٻڌائي سگهون ٿا.

اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته تعليمي ۾ سڌارو نه اچڻ جو وڏو ڪارڻ هڪ جهڙو نصاب نه آهي،

هڪ طرف انگلش ميڊيم آيو، ٻي طرف اردو ميڊيم، جيڪو نه تتر آهي ۽ نه بٽير، ٽيون وري مدرسي جو سسٽم، اسان هڪجهڙو نصاب آڻي قوم کي هڪ ڪيو آهي.

هن چيو ته ملڪ جو وڏو مسئلو اهو آهي ته اسان جي قوم ۾ نه ”ڪريڪٽر” آهي ۽ نه ئي ليڊرشپ، ٻارن کي ڪارٽون ڏيکارڻ بدران ارتغل غازي جهڙا ڊراما ڏيکاريون ته سٺو آهي،

پاڪستاني قوم سڀ کان وڌيڪ خيرات ڏيندي آهي، مان سڀ کان وڌيڪ خيرات قوم کان گڏ ڪندو آهيان.

لاهور ڪانفرنس ۾ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف کان تقرير ڪرائڻ تي تنقيد ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته لاهور ۾ ججز ڪانفرنس گهرائي وئي، جنهن ۾ چيف جسٽس کي گهرايو ويو،

ڪانفرنس ۾ اهڙي شخص کان تقرير ڪرائي وئي، جنهن کي عدالت قوم جو پئسو چوري ڪرڻ جي ڏوهه ۾ عدالت سزا  ٻڌائي.

عمران خان چيو ته جڏهن اوهان برائي کي برائي ۽ ڪرپشن کي ڪرپشن نه سمجهندا ته معاشرو ڪيئن ترقي ڪندو، جنهن قوم جي اخلاقيات ختم ٿي وڃي،

ان تي ايٽم بم ڪيرائڻ جي به ضرورت ناهي، اها پاڻ ئي ختم ٿي ويندي، جنهن ۾ اخلاقيات نه هجي..

وڌيڪ پڙهو: