پاڪستان

تازه خبرون

November 20, 2021 4:23 pm

مانيٽري پاليسي جو اعلان، اسٽيٽ بينڪ وياج جي شرح وڌائي وئي

اسلام آباد: اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان ايندڙ ٻن مهينن جي لاءِ مانيٽري پاليسي جو اعلان ڪيو آهي.

اسٽيٽ بينڪ طرفان جاري پڌرائي موجب اسٽيٽ بينڪ وياج 150 بيسسز پوائنٽس وڌايو ويو آهي.

پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته مانيٽري پاليسي اجلاس ۾ وياج جي شرح 8.75 سيڪڙو ڪئي وئي آهي.

اسٽيٽ بئنڪ موجب گذريل اجلاس کان وٺي ادائيگين ۽ مهانگائي جو توازن بگڙي ويو آهي ۽ اهو توازن مقامي ۽ عالمي عنصرن جي ڪري وڌي رهيو آهي.

اسٽيٽ بئنڪ جو چوڻ آهي ته درآمدي قيمتن ۾ اضافو توقع کان وڌيڪ مهانگائي کي وڌائي رهيو آهي جڏهن ته معاشي صورتحال بهتر ٿي آهي.

وڌيڪ پڙهو: