سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ چيو آهي ته سنڌ ۾ بيمار ۽ لاچار قانون آندو پيو وڃي،
جيڪڏهن ڪارو قانون منظور ٿيو ته سنڌ جو عوام بخش نه ڪندو، قانون منظور ڪرائڻ وارا ۽ سندس سهولتڪار ذميوار هوندا،
مامو سان گڏ ڀاڻيجا به هڪ سئو 9 جي قلم ۾ چالان ٿيندا، سنڌ ۾ چور دروازي کان مڪاني قانون آندو ويو،
بل ۾ سنڌ حڪومت پاڻ وٽ سڀئي اختيار رکڻ چاهي ٿي، حافظ نعيم ٻڌائي ته هن معاهدو ڪري واپس ڇا ڪرايو.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي حليم عادل شيخ چيو ته، جيڪڏهن ڪارو قانون منظور ٿيو ته سنڌ جو عوام بخش نه ڪندو،
قانون منظور ڪرائڻ وارا ۽ سندس سهولتڪار ذميوار هوندا، مامو سان گڏ ڀاڻيجا به هڪ سئو 9 جي قلم ۾ چالان ٿيندا.
حليم عادل شيخ چيو ته ، سنڌ ۾ چور دروازي کان مڪاني قانون آندو ويو، بل ۾ سنڌ حڪومت پاڻ وٽ سڀئي اختيار رکڻ چاهي ٿي،
حافظ نعيم ٻڌائي ته هن معاهدو ڪري واپس ڇا ڪرايو،اسيمبلي آڏو اسپيشل پرسنز ۽ استادن تي لٺبازي ڪئي وڃي ٿي پر مامون مينهن ٻڌي ڇڏي ٿو، ان کي ڪجهه نٿو چيو وڃي..