تعلیم

سنڌ

October 20, 2021 3:21 pm

ماستري لاءِ هر سبجيڪٽ ۾ 45 سيڪڙو مارڪس کڻڻ وارو شرط ختم

سنڌ حڪومت ماستري لاءِ هر سبجيڪٽ ۾ 45 سيڪڙو مارڪس کڻڻ وارو شرط ختم ڪري ڇڏيو، مرد اميدوارن لاءِ پاسنگ مارڪس 55 سيڪڙو،  عورت اميدوار ۽ اقليتي اميدوار 50 ۽  33 سيڪڙو  مارڪس کڻندڙ معذور اميدوار پاس ٿيندا، سنڌ ڪابينا استادن جي ڀرتي لاءِ پاليسي ۾ نرمي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي،  جي اِي ايس ٽي لاءِ سيٽس به 14 هزار 39 مان وڌائي 17 هزار ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ٻيهر ٽيسٽ وٺڻ جي صورت ۾ به ساڳيا ئي اميدوار فارم جمع ڪرائين ها، تنهڪري پاليسي ۾ نرمي ڪئي وئي آهي.

وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا جو  اجلاس ٿيو،  اجلاس ۾  ماسترن جي ڀرتي لاءِ پاليسي نرم ڪرڻ وارين تجويزن جي منظوري ڏني وئي.

سنڌ ڪابينا ماستري لاءِ مرد اميدوارن لاءِ پاسنگ مارڪس55 سيڪڙو برقرار رکيون ، عورت اميدوارن لاءِ 50 ۽ اقليتي اميدوار 33 سيڪڙو مارڪن تي پاس ٿيندا.

وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته جيڪڏهن ٻيهر ٽيسٽ وٺون ها ته به ساڳيا ئي اميدوار درخواستون ڏين ها تنهنڪري ٽيسٽ جي نتيجن ۽ اسڪولن ۾ استادن جي کوٽ  کي نظر ۾ رکندي پاسنگ مارڪس ۾ گهٽائي جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

وڌيڪ پڙهو: