آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي سربراهه ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد ڪور ڪمانڊر پشاور جي ڪمان سنڀالي ورتي آهي.
آءِ ايس پي آر موجب آءِ ايس پي آر جي اڳواڻي سربراهه ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد ڪور ڪمانڊر پشاور جي ڪمان سنڀالي ورتي آهي. ان حوالي سان ڪور هيڊ ڪوارٽرز پشاور ۾ شاندار تقريب ٿي جنهن ۾ ليفٽيننٽ جنرل نعمان محمود ڪور پشاور جي ڪمان ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد جي حوالي ڪئي.
ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد ان کان اڳ ڊي جي آءِ ايس آءِ هو هو تقريبن اڍائي سالن کان وڌيڪ وقت ان عهدي تي مقرر رهيو. هاڻ ان جي جڳهه اڳوڻي ڪور ڪمانڊر ڪراچي ليفٽيننٽ جنرل نديم انجم کي نئون ڊي جي مقرر ڪيو ويو آهي.