تازه خبرون

April 23, 2022 7:29 pm

لنڊن ۾ ويهي نواز شريف سازش رچي، شهباز شريف ۽ آصف زرداري سازش ۾ ملوث  هئا،عمران خان

پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان اڳوڻي وزير اعظم نوازشريف، اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف تي سندس حڪومت خلاف سازش ڪرڻ جو الزام لڳائيندي  سپريم ڪورٽ کان پرڏيهي سازش ۽ ڌمڪين واري خط جي جاچ ڪرائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عمران خان چيو آهي ته قومي سلامتي ڪميٽي واضع ڪري ڇڏيو ته پرڏيهي مداخلت ٿي آهي، سپريم ڪورٽ معاملي تي کليل نموني ٻڌڻي ڪري.

هن چيو ته  ملڪ جي وزيراعظم خلاف سازش ڪئي وئي ۽ ڌمڪي ڏني وئي، قومي سلامتي ڪميٽي تسليم ڪيو ته خط حقيقت ٻڌل آهي ۽ پرڏيهي مداخلت ٿي آهي.

عمران خان چيو ته لنڊن ۾ ويهي نواز شريف سازش رچي، شهباز شريف ۽ آصف زرداري سازش ۾ ملوث  هئا، سپريم ڪورٽ جاچ ڪندي ته خبر پئجي ويندي ته سازش ۾ ڪير ڪير ملوث هو.

هن چيو ته  چيف اليڪشن ڪمشنر  هڪ جانبدار شخص آهي، چيف اليڪشن ڪمشنر سميت اليڪشن ڪميشن مستعفي ٿي وڃي.

پي ٽي آءِ چيئرمين چيوته هنن کي خبر هئي ته عمران خان جي وڃڻ بعد ڪنهن کي وزيراعظم بڻائڻو آهي، خط ۾ چيو ويو ته عمران خان کي هٽايو ويو ته معاف ڪري ڇڏينداسين.

هن چيو ته آمريڪي آفيشل جي پاڪستاني سفير سان ملاقات کان هڪ ڏينهن بعد بي اعتمادي رٿ آندي وئي، سازش ڪندڙن کي خبر هئي ته عمران خان کانپوءِ ڪير ايندو، لنڊن ۾ ويهي نواز شريف سازش رچي، پاڪستان ۾ شهباز شريف ۽ آصف زرداري سازش ۾ ملوث  هئا.

عمران خان چيو آهي ته سلامتي ڪميٽي ٻيهر مداخلت جي تصديق ڪئي آهي، خط بابت جيڪو ڪجهه هو اهو سچ ثابت ٿي ويو، معاملي جي جاچ نه ٿي ته ٻيهر ڪو به ملڪ جو سربراهه پرڏيهي مداخلت خلاف نه بيهندو.

وڌيڪ پڙهو: