سنڌ

December 9, 2021 1:14 pm

لاپتا ماڻهن کي بازياب ڪرائڻ لاءِ وڌيڪ هڪ هفتي جي مهلت

سنڌ هاءِ ڪورٽ لاپتا ماڻهن کي بازياب ڪرائڻ لاءِ وڌيڪ هڪ هفتي جي مهلت ڏئي ڇڏي،

جي آءِ ٽي پاران عدالت ۾ رپورٽ جمع ڪرائي وئي ته شهرين عبدالقادر، مهيول، عثمان، سليم الدين، وسيم، عزيرالحسن ۽ محمد فاروق جي بازيابيءَ لاءِ خط لکيا آهن،

جن جا مختلف ادارن کان جواب اچڻا آهن، عدالت هدايت ڪندي چيو ته ڊگهي وقت کان لاپتا ماڻهن لاءِ اپاءَ وٺڻ ضروري آهي، کين بازياب ڪرائي رپورٽ پيش ڪئي وڃي..

وڌيڪ پڙهو: