سنڌ

December 23, 2021 1:10 pm

لاپتا ماڻهن واري ڪيس ۾ دفاع واري کاتي جي سيڪريٽري ۽ ملڪ جي سمورن حراستي مرڪزن کان رپورٽ طلب

سنڌ هاءِ ڪورٽ لاپتا ماڻهن واري ڪيس ۾ دفاع واري کاتي جي سيڪريٽري ۽ ملڪ جي سمورن حراستي مرڪزن کان رپورٽ طلب ڪري ورتي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو جي سربراهيءَ ۾ بئنچ لاپتا ماڻهن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي،

جنهن دوران 8 سال کان لاپتا شهري بازياب نه ٿيڻ سبب سندس وارث عدالتي ڪمري ۾ روئي ويٺا.

جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو چيو آهي ته لاپتا شهرين جي بازيابي لاءِ اسين پوري ڪوشش ڪريون رهيا آهيون،

عدالت ٽيڪنالوجي جو استعمال ڪ ري لاپتا ماڻهن کي فوري بازياب ڪرائڻ جو حڪم ڏنو.

عدالت دفاع واري کاتي جي سيڪريٽري ۽ ملڪ جي سمورن حراستي مرڪزن کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي..

وڌيڪ پڙهو: