پاڪستان

December 6, 2021 11:40 am

لاهور جي تڪ اين اي 133 ۾ شاندار نتيجن تي اڳوڻي آصف علي زرداري ڪارڪنن کي واڌايون

لاهور جي تڪ اين اي 133 ۾ شاندار نتيجن تي اڳوڻي آصف علي زرداري ڪارڪنن کي واڌايون ڏيندي چيو آهي ته پيپلزپارٽي لاهور ۾ نئون جنم ورتو آهي.

آصف علي زرداري پيپلزپارٽي سينٽرل پنجاب جي صدر راجا پرويز اشرف کي فون ڪري واڌايون ڏنيون.

هن چيو ته راجا پرويز اشرف ۽ سندس ٽيم جي محنت رنگ لاتو آهي، لاهور جي ننڍي چونڊ پيپلزپارٽي لاءِ ٽرننگ پوائنٽ ثابت ٿي آهي.

آصف زرداري چيو ته پيپلزپارٽي لاهور ۾ نئون جنم ورتو آهي، جيڪو پنجاب ۾ تبديلي جو باعث بڻجندو.

آصف زرداري وڌيڪ چيو ته جيالا تياري ڪرين، وفاق ۽ چئني صوبن ۾ پيلزپارٽي جي حڪومت هوندي..

وڌيڪ پڙهو: