پاڪستان

تازه خبرون

November 13, 2021 7:42 pm

لانگ مارچ بابت جيڪو به فيصلو ٿيندو ان جي حمايت ڪنداسين، نواز شريف فضل الرحمان کي يقين ڏياري ڇڏيو

اڳوڻي وزيراعظم ۽ مسلم ليگ ن جي قائد نواز شريف ۽ مخالف ڌر اتحاد پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) ۽ جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان وچ ۾ ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ٿي.

ذريعن موجب ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ موجوده سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته نواز شريف حڪومت کي پارليامينٽ ۾ ٽف ٽائيم ڏيڻ ۽ مخالف ڌر جي پارٽين جي اتحاد تي اطمينان جو اظهار ڪيو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻنهي اڳواڻن پارليامينٽ جي اندر ۽ ٻاهر حڪومت تي دٻاءُ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو.

ذريعن موجب نواز شريف فضل الرحمان کي يقين ڏياريو ته پي ٽي ايم لانگ مارچ بابت جيڪو به فيصلو ڪندي ان جي حمايت ڪندو.

ان موقعي تي مولانا فضل الرحمان چيو ته حڪومت کي وڌيڪ وقت ڏيڻ عوام ۽ ملڪ سان ناانصافي هوندي.

ياد رهي ته مخالف ڌر جي اتحاد پي ڊي ايم پاران مهانگائي خلاف احتجاج جاري آهي ۽ ملڪ جي مختلف حصن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا پيا وڃن.

وڌيڪ پڙهو: