سنڌ

November 25, 2021 12:37 pm

لالي پاپ توهان کي آفيسر ڏيندا هوندا پر اسان کي نه ڏيو : سپريم ڪورٽ

سپريم ڪورٽ سڄي سنڌ ۾ سرڪاري زمينن تان قبضا ختم ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو جي رپورٽ تي بي اعتمادي ظاهر،

هڪ مهيني اندر جامع رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم، ٻڌڻي دوران ججز سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو کي مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان چئو ٿا ته حيدرآباد، سکر ۽ لاڙڪاڻي ۾ ڪي به حددخليون ناهن؟

ڪراچي جا به رڳو 9 ڪيس آهن، لالي پاپ توهان کي آفيسر ڏيندا هوندا پر اسان کي نه ڏيو

سنڌ جي اڌ کان وڌيڪ زمينن تي قبضا ٿيل آهن، ڪراچي ۾ هر جاءِ تي قبضا آهن، 15- کان 20 ماڙ عمارتون سرڪاري زمينن تي ٺهيل آهن،

توهان حڪمن تي عمل نه پيا ڪريو، اوهان کي توهين عدالت ۾ جيل موڪلينداسين..

وڌيڪ پڙهو: