سنڌ

December 16, 2021 12:04 pm

قوم اڄ تائين اي پي ايس سانحي جي درد مان نه نڪتي آهي ۽ عوام ، معصوم روحن سان انصاف جو انتظار ڪري رهي آهي : بلاول ڀٽو زرداري

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري اي پي ايس سانحي جي رٿابندي ڪندڙ دهشتگردن کي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري آرمي پبلڪ اسڪول سانحي جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي ۽ اي پي ايس ۾ شهيد ٿيلن جي وارثن سان به ايڪتا جو اظهار ڪيو.

جاري ڪيل بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري مطالبو ڪيو  ته اي پي ايس سانحي ۾ شاگردن ۽ استادن جو قتل عام ڪندڙ منصوبي سازن ۽ سهولتڪارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.

پ پ چيئرمين چيو ته قوم اڄ تائين سانحي جي درد مان نه نڪتي آهي ۽ عوام معصوم روحن سان انصاف جو انتظار ڪري رهي آهي، منهنجي پارٽي ۽ خاندان دهشتگردي جو شڪار رهيو آهي.

هن چيو ته  دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي خلاف پنهنجي صدا بلند ڪندو رهندس، نيشنل ايڪشن پلان سليڪٽيڊ استعمال بدران  ان تي مڪمل عمل ڪيو وڃي..

وڌيڪ پڙهو: