گڏيل اپوزيشن پارلياماني قومي سلامتي ڪميٽي جي اِن ڪيمرا بريفنگ جي بائيڪاٽ جو فيصلو ڪري ڇڏيو.
جاري ڪيل پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پارليامينٽ ۾ موجودهه متحدا اپوزيشن گڏيل صلاح مشوري ۽ غور ويچار کانپوءِ حڪومت پاران گهرايل ڪميٽي جي اِن ڪيمرا بريفنگ جي بائيڪاٽ جو فيصلو ڪيو.
پڌرائي ۾ وڌيڪ چيو ويو ته 6 ڊسمبر تي حڪومت پاران پارلياماني قومي سلامتي ڪميٽي ۾ اِن ڪيمرا بريفنگ ڏيڻ بابت آگاهه ڪيو.
مخالف ڌر ٻڌايو ته حڪومت پاران چيو ويو ته قومي سلامتي جو صلاحڪار معيد يوسف بريفنگ ڏيندو.
مخالف ڌر مطابق پارليامينٽ ۾ اهم قانوني بلز کي بلڊوز ڪرڻ ۽ حڪومتي آمراڻي روئي سبب بائيڪاٽ جوفيصلو ڪيو ويو.
اپوزيشن جو چوڻ آهي ته حڪومت ملڪي ۽ پرڏيهي معاملن، قومي ۽ عوامي معاملن کي پارليامينٽ ۾ نه آندو آهي…