پاڪستان

December 29, 2021 3:34 pm

قومي سلامتي پاليسي پارليامينٽ ۾ پيش نه ڪرڻ تي مخالف ڌر جو سينيٽ گوڙ ، ايوان مان واڪ آئوٽ

قومي سلامتي پاليسي پارليامينٽ ۾ پيش نه ڪرڻ تي مخالف ڌر سينيٽ ۾ گوڙ ڪيو ۽  ايوان مان واڪ آئوٽ ڪري ڇڏيو.

اپوزيشن سينيٽرز قائد ايوان شهزاد وسيم جي تقرير دوران به گوڙ ڪندا رهيا.

سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي  پ پ سينيٽر بهر مند تنگي کي مخاطب ٿيندي چيو ته  اپوزيشن غلط روايت وجهي رهي آهي.

هن چيو ته مخالف ڌر کي ڊائس تي اچڻ بدران سيٽس تي احتجاج ڪرڻ گهرجي.

قائد ايوان چيو ته ڪنهن به حڪومت نيشنل سيڪيورٽي پلان نه ڏنو، عمران خان نيشنل سيڪيورٽي پاليسي پيپر ڏنو آهي.

هن چيو ته نيشنل سيڪورٽي بابت اجلاس ٿيندا رهيا، مخالف ڌر وارا لاڳاپيل اسٽينڊنگ ڪميٽيز جي اجلاس ۾ به نه آيا، وردي وارا اجلاس ۾ آيا ته هي سڀ ڊوڙندا پهتا.

وڌيڪ پڙهو: