اهم خبرون

پاڪستان

تازه خبرون

April 3, 2022 3:19 pm

قومي اسيمبلي: مخالف ڌر جو اجلاس، بي اعتمادي جي حق ۾ 195 ووٽ

قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ميمبرن بي اعتمادي جي حق ۾ ووٽ ڏنو.

ن ليگ اڳواڻ اڳوڻي اسپيڪر قومي اسيمبلي اياز صادق اسپيڪر جي سيٽ سنڀالي ورتي ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ خلاف رولنگ ڏئي ڇڏي.

علامتي اسپيڪر اياز صادق ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري جي رولنگ رد ڪري ڇڏي.

اسپيڪر اياز صادق چيو ته ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري جي رولنگ آئين خلاف آهي، ان کي رد ڪريان ٿو.

جنهن کانپوءِ قومي اسيمبلي هال جون بتيون بند ڪيون ويون ۽ وزيراعظم عمران خان خلاف بي اعتمادي واري رٿ ورهائي وئي ۽ ووٽنگ ٿي، مرتضيٰ جاويد عباسي ٽيلر طور ڪم ڪيو.

طارق بشير چيما، وجيح قمر، جويريه احر، نور عالم خان به بي اعتمادي جي حق ۾ ووٽ ڏنو.

تحريڪ عدم اعتماد جي حق ۾ پي ٽي آءِ جي منحرف ميمبرن به ووٽنگ ۾ حصو ورتو.

وزيراعظم خلاف بي اعتمادي رٿ جي حق ۾ 195 ميمبرن ووٽ ڏنو.

اپوزيشن گروپن وزيراعظم تي بي اعتمادي جو ووٽ گهريو، جنهن کانپوءِ قومي اسيمبلي جي ميمبرن بي اعتمادي واري رٿ جي حق ۾ ووٽ ڏنو.

وڌيڪ پڙهو: