top_news

تازه خبرون

April 3, 2022 2:50 pm

قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر وزيراعظم عمران خان خلاف بي اعتمادي رٿ غير آئيني قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏي

قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر وزيراعظم عمران خان خلاف بي اعتمادي رٿ غير آئيني قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏي،

قومي اسيمبلي جو اجلاس مقرر وقت کان 38 منٽ دير سان شروع ٿيو، قانون واري وزير فواد چوڌري رٿ پيش ڪندي چيو ته 7 مارچ تي اسان جي سفير کي طلب ڪري ٻڌايو ويو ته عمران خان خلاف بي اعتمادي رٿ پيش ڪئي پئي وڃي،

پاڪستان خلاف لاڳاپن جو دارومدار هن بي اعتمادي رٿ تي هوندو،  چيو ويو ته جيڪڏهن بي اعتمادي رٿ ڪامياب نه ٿي ته ايندڙ رستو سخت هوندو،  فواد چوڌري جي خطاب بعد ڊپٽي اسپيڪر بي اعتمادي رٿ کي آئين ۽ قانون جي ابتڙ قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏي، اجلاس به اڻڄاڻايل مدي تائين ملتوي.

وڌيڪ پڙهو: