پاڪستان

December 29, 2021 11:35 am

فيبروري ۾ ڪرونا جي پنجين لهر اچڻ جو خدشو

ملڪ ۾ اومي ڪرون ڪيسز ۾ اضافو ٿي ويو، فيبروري ۾ ڪرونا جي پنجين لهر اچڻ جو خدشو  ظاهر ڪندي ڄاڻايو ويو آهي ته 3 کان 4 هزار  روزانو نوان ڪيسز ظاهر ٿيڻ جو امڪان آهي.

ڏکڻ آفريقي قسم اومي ڪرون جا 79ڪيسز  سامهون اچڻ تي  صحت جي ماهرن  ڪرونا وبا جي پنجين لهر جا خدشا  ظاهر ڪري ڇڏيا آهن.

صحت جي وزارت  جي عملدارن جو چوڻ آهي ته اومي ڪرون جا ڪيسز جنهن تيزي سان سامهون اچي رهيا آهن،

ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته ايندڙ ٻن هفتن ۾ سموري ملڪ ۾ اومي ڪرون جا ڪيسز رپورٽ ٿيڻ لڳندا.

ڪرونا وائرس جي چوٿين لهر دوران  وڌيڪ 6 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن،جنهن بعد 348 نوان ڪيسز سامهون اچي ويا.

اين سي او سي مطابق 24 ڪلاڪن دوران 39 هزار 730 ماڻهن جون ٽيسٽون ڪيون ويون،مثبت ڪيسز جي شرح ٻڙي ڏهائي اٺ ست رهي.

اين سي او سي مطابق ملڪ ۾ هيل تائين فوتين جو انگ وڌي ڪري 28 هزار 918 ٿي ويو،متاثرن جو تعداد 12 لک 94 هزار 379 ٿي ويو..

وڌيڪ پڙهو: