KTN News

فضائي مشق ۾ شرڪت لاءِ پاڪ فضائيه جا ويڙهاڪ جهازن جو دستو آذربائيجان پهچي ويو

پاڪ فضائيه جا جے ايف-17 ٿنڊر بلاڪ 3 ويڙهاڪ جهازن تي مشتمل دستو ٻه طرفي فضائي مشق ۾ شرڪت لاءِ آذربائيجان پهچي ويو آهي۔

آءِ ايس پي آر (پاڪ فوج جي شعبي تعلقات عامه) موجب، پاڪ فضائيه جو هي دستو فضائي مشق “انڊس شيلڊ الفا” ۾ شرڪت لاءِ آذربائيجان روانو ٿيو، جتي پاڪ فضائيه جي جهازن بنا ڪنهن رڪاوٽ جي پاڪستان کان آذربائيجان تائين اڏام پوري ڪئي۔

آءِ ايس پي آر مطابق، اڏام دوران فضائي ريفيولنگ (هوا ۾ ايندڻ ڀرائڻ) جو ڪامياب مظاهرو ڪيو ويو، جتي پاڪ فضائيه جي IL-78 ايئريل ٽينڪر انتهائي مهارت سان فضا ۾ ايندڻ ڀرڻ جو عمل انجام ڏنو۔

مشق “انڊس شيلڊ الفا” جو مقصد ٻنهي ڀائرانه فضائي فوجن جي وچ ۾ باهمي سمجھه، حڪمتِ عملي ۾ هم آهنگي ۽ گڏيل صلاحيتن کي وڌائڻ آهي۔

هن مشق ۾ جديد فضائي جنگي حڪمت عملين، گڏيل رٿابندي ۽ آپريشنل عمل کي جديد ٽيڪنالاجي ۽ بدلجندڙ فضائي ضرورتن جي تناظر ۾ پرکيو ويندو۔

پاڪ فضائيه جي هن مشق ۾ شرڪت علائقائي استحڪام ۽ عالمي فوجي سهڪار جي جذبي جي عڪاسي ڪري ٿي، ۽ ان سان گڏوگڏ هي عزم به ظاهر ڪري ٿي ته پاڪ فضائيه جديد جنگي تقاضائن مطابق پنهنجين صلاحيتن کي لڳاتار بهتر بڻائيندي ۽ فضائي آپريشنز جي هر شعبي ۾ پنهنجو روايتي مٿاڀرائپ قائم رکندي۔

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube