اهم خبرون

سنڌ

April 23, 2022 7:33 pm

فريدآباد باهه واقعي جي رپورٽ ملڻ بعد وڏي وزير غفلت ڪرڻ تي ڊي سي دادو، ڊي ايڇ او ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر ميهڙ کي معطل ڪري ڇڏيو

فريدآباد باهه واقعي جي رپورٽ ملڻ بعد وڏي وزير غفلت ڪرڻ تي ڊي سي دادو، ڊي ايڇ او ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر ميهڙ کي معطل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته مرتضيٰ شاهه کي نئون ڊي سي مقرر ڪيو ويو آهي.

ڳوٺ فيض محمد چانڊيو ۾ باهه واقعي جي جاچ مڪمل ڪري وڏي وزير مراد علي شاهه  کي پيش ڪئي وئي.

وڏي وزير مراد علي شاهه باهه واقعي جي رپورٽ ملڻ کانپوءِ ڊي ايڇ او دادو حميد شيخ ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر فهيم لاکير کي معطل ڪيو.

ميونسپل ڪميٽي ميهڙ جي ايڊمنسٽريٽر اورنگزيب  مگسي ۽ مختيار ڪار الهه بخش مگسي کي به معطل ڪيو ڪيو ويو.

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه رپورٽ جي روشني ۾ ڊي سي دادو سميع الله شيخ کي عهدي تان فارغ ڪيو.

وڏي وزيرمراد علي شاهه، مرتضيٰ شاهه کي ڊي سي دادو مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني، جڏهن ته نئين مقرر ڪيل ڊي سي کي متاثرن جي ڳوٺ جي بحالي لاءِ ڪم ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي.

وڏي وزير مراد علي شاهه هڪ ڀيرو ٻيهر ڳوٺ فيض محمد ۾ باهه واقعي تي ڏک جو اظهار ڪيو.

وڏي وزير متاثر ڳوٺ جي بحالي ۽ ڳوٺاڻن جي مالي مدد توڙي سار سنڀال لهڻ جي هدايت پڻ ڪئي.

وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته متاثر ڳوٺاڻن جي هر طرح جي مدد ڪئي ويندي.

واضع رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ فريد آباد ويجهو ڳوٺ فيض محمد درياڻي چانڊيو ۾ گهرن کي باهه لڳڻ سبب 9 ٻارڙن سميت 10 ڄڻا سڙي فوت، 200 کان وڌيڪ گهر ۽ چوپايو مال پڻ سڙي ويو هو.

وڌيڪ پڙهو: