پاڪستان

December 16, 2021 2:00 pm

غريب کي مٿي  کڻي نه اينداسين، ملڪ ترقي ڪري نٿو سگهي : وزيراعظم عمران خان

وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ سڀ کان وڌيڪ تباهي خيبرپختون خوا ۾ آئي، 700 پوليس اهلڪار شهيد ٿيا،

پاڪستان ۾ امير وڌيڪ امير ۽ غريب وڌيڪ غريب ٿي ويا آهن،يو اين ڊي پي جي رپورٽ مطابق ڪي پي ۾ غربت تيزي سان گهٽ ٿي آهي.

جگلوٽ اسڪردو  روڊ جو افتتاح ڪندي عمران خان چيو ته جيستائين غريب کي مٿي  کڻي نه اينداسين، ملڪ ترقي ڪري نٿو سگهي.

وزير اعظم چيو ته ڪي پي ۾ غربت ۾ ريڪارڊ گهٽتائي تي حڪومت تي فخر آهي،گلگت بلتستان ۾ غربت وڌيڪ آهي، منهنجي ڪوشش آهي ته پوئتي پيل علائقن ۾ ڪم ڪريون.

هن چيو ته مون دنيا جا خوبصورت  علائقا ڏٺا آهن، گلگت بلتستان دنيا جو خوبصورت ترين علائقو آهي،جيڪڏهن سياحت کي ترقي وٺرايو ته 40 ارب ڊالرن جي آمدني ٿي سگهي ٿي.

عمران خان چيو ته سوئٽرز لينڊ گلگت بلتستان جي اڌ جيترو آهي،جيڪو سياحت مان 70 ارب ڊالر ڪمائي ٿو ته اسان ڇو ڪمائي نٿا سگهون؟.

هن چيو ته ڪرونا جي ڪري دنيا ۾ ڪاروبار رڪجي ويو،انڪري پاڪستان ۾  مهانگائي ٿي آهي..

وڌيڪ پڙهو: