سنڌ

December 20, 2021 3:13 pm

غريب عوام جي کيسن تي 40 ارب رپين جو ڌاڙو

توانائي واري صوبائي وزير امتياز شيخ چيو آهي ته بجليءَ جي قيمت ۾ ساڍا 4 رپين تائين واڌ وارو فيصلو ظالماڻو ۽ برداشت نه ڪرڻ جوڳو آهي،

بجلي قيمتن ۾ واڌ سان غريب عوام جي کيسن تي 40 ارب رپين جو ڌاڙو لڳندو.

پنهنجي بيان ۾ امتياز شيخ چيو ته بجلي ۽ گئس جي بلن عوام کي معاشي طور بدحال ڪري ڇڏيو آهي، عوام ٻارڙن جي اسڪول جي فيس ڀري يا بجلي ۽ گئس جا بل ادا ڪري.

هن وڌيڪ چيو ته فيول ايڊجسٽمينٽ جي نالي تي ماهوار بجليءَ جي قيمت ۾ اضافو ڪيو وڃي ٿو، نيپرا جي منظوريءَ سان قوم جي کيسن تي 40 ارب رپين کان وڌيڪ جو ڌاڙو لڳندو.

صوبائي وزير امتياز شيخ وڌيڪ چيو  ته ظالم حڪومت جي ظالماڻن فيصلن غريب عوام کي ٻن ويلن جي مانيءَ کان محروم ڪري ڇڏيو آهي، نيپرا بجلي اگهن ۾ واڌ کي فوري طور روڪي..

وڌيڪ پڙهو: