پاڪستان

December 2, 2021 11:19 am

عوام کي ريليف فراهم ڪرڻ لاءِ  هر ممڪن قدم کڻي رهيا آهيون : وزير اعظم

وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته عوام کي ريليف فراهم ڪرڻ لاءِ  هر ممڪن قدم کڻي رهيا آهيون.

احساس راشن پروگرام جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي وزير اعظم چيو ته غريب ترين شهرين کي ضروري شين تي سبسڊي  ڏني پئي وڃي.

اجلاس کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته ماڻهن جي تڪليفون ڏسندي عام واهپي وارين شين تي سبسڊي ڏئي رهيا آهيون.

بريفنگ ۾ ڄاڻايو ويو ته احساس راشن پروگرام تحت ماهوار هزار رپيا جي سبسڊي ڏني ويندي آهي،2 ڪروڙ گهراڻن کي اٽو، گيهه ۽ دالين تي هڪ هزار رپين جي رعايت ڏني ويندي.

بريفنگ ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته رعايت ماهوار پنجاهه هزار رپين کان گهٽ آمدني وارن گهراڻن کي ڏني ويندي،پروگرام هلندڙ مهيني سڄي ملڪ ۾ شروع ڪيو ويندو.

وزير اعظم کي ڏنل بريفنگ مطابق  پروگرام تحت ڪريانه اسٽورز جي رجسٽريشن جاري آهي،هاڻ تائين پندرهن هزار کان وڌيڪ ڪريانه اسٽورز رجسٽر ٿي چڪا آهن.

وزير اعظم هدايت ڪئي ته وڌ کان وڌ غريب گهراڻن کي فائدو پهچائڻ لاءِ رجسٽريشن تيز ڪئي وڃي.

اجلاس ۾ ثانيه نشتر، شوڪت ترين، گلگت جو وڏو وزير خالد خورشيد ۽ ٻيا شريڪ ٿيا..

وڌيڪ پڙهو: