وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته بندش وڌل تنظيم جو جي ٽي روڊ تي جاري ڌرڻو ختم ٿيڻ گهرجي، عوام جي مسئلن ۾ اضافو نه ڪرڻ گهرجي. روز روز جو تماشو ختم ٿيڻ گهرجي ،
اليڪشن ڪميشن ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته بندش وڌل تنظيم پاران روڊ بند ڪرڻ وارو سلسلو ختم ٿيڻ گهرجي، رستا کوليا وڃن، عوام جي مسئلن ۾ اضافو نه ڪيو وڃي،
اسان جو نبي ﷺ ته چئي ٿو ته رستن تان پٿري به هٽائڻ گهرجي ، هُن چيو ته بندش پيل تنظيم بابت اڄ ڪابينا ۾ تفصيلي ڳالھ ٻولھ ٿيندي ..