پاڪستان

January 4, 2022 2:40 pm

عمران خان ۽ پي ٽي آءِ ايمانداري جو ميڪ اپ لڳائي رکيو آهي : احسن اقبال

ن ليگ جي سيڪريٽري جنرل احسن اقبال چيو آهي ته عمران خان ۽ پي ٽي آءِ ايمانداري جو ميڪ اپ لڳائي رکيو آهي، جيڪو فارن فنڊنگ ڪيس لاهي ڇڏيو آهي.

ميڊيا سان ڳالهائيندي  احسن اقبال چيو ته  عمران خان جڏهن حڪومت سنڀالي ته هڪ لک رپيا ٽيڪس جي مد ۾ ڏيندو هو،

هن ڀيري هڪ ڪروڙ رپيا ڏنا آهي، هن جي آمدني ۾ هڪ هزار سيڪڙو اضافو ٿيو آهي.

احسن اقبال چيو ته  اڄ تحريڪ انصاف درخواست ڏني ته رپورٽ پبلڪ نه ڪئي وڃي،

تحريڪ انصاف کي ڪهڙي ڳالهه جو ڊپ آهي انهن جي درخواست ايف آءِ آر جيان آهي.

هن چيو ته اليڪشن ڪميشن ۾ پاڪستان جي جمهوري تاريخ  جو اهم ترين ڪيس آهي،

تحريڪ انصاف ٻه درجن کان وڌيڪ اڪائونٽس جا تفصيل جمع نه ڪرايا آهن، تحريڪ انصاف جي چوري اسٽيٽ بينڪ جي ذريعي پڪڙي وئي.

احسن اقبال چيو ته عمران خان مسٽر ڪلين بڻجي گهمي ٿو، جيڪڏهن هو مسٽر ڪلين آهي ته توشا خانا جا تفصيل ڇو جمع نٿو ڪرائي، هن سمورين مافياز  کي پاليو آهي..

وڌيڪ پڙهو: