پاڪستان

December 27, 2021 3:04 pm

عمران خان ۽ عثمان بوزدار عدالتي فيصلي کي پنهنجي انا جي ور چاڙهي ڇڏيو : احسن اقبال

مسلم ليگ ن جي اڳواڻ احسن اقبال چيو آهي ته پنجاب ۾ مڪاني ادارن جي نمائندن کي بحال ڪرڻ بابت سپريم ڪورٽ جي حڪم تي عمل ناهي ٿيو،

عمران خان ۽ عثمان بوزدار عدالتي فيصلي کي پنهنجي انا جي ور چاڙهي ڇڏيو.

لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي احسن اقبال چيو ته پنجاب جي مڪاني نظام ۾ ميئر کي سيڪريٽري جي ماتحت ڪيو ويو آهي،

هاڻي پنجاب ۾ افسر شاهي نظام هلندو، چونڊيل نمائندن کي ڪا بجيٽ کپندي ته اهي ڪامورن کي منٿون ڪندا.

هن چيو ته پنجاب جو مڪاني نظام آئين جي ابتڙ آهي، چونڊيل نمائندن جي اختيارن کي باءِ پاس ڪيو ويو آهي.

احسن اقبال جو چوڻ هو ته پاڪستان جي سڀ کان وڏي صوبي جي مڪاني ادارن جي اختيار تي رياست جي خاموشي سمجهه کان ٻاهر آهي،

پنجاب ۾ شڪايتون اچن ٿيون ته ننڍا صوبا به پنهنجي حقن لاءِ دانهون ڪندا.

ن ليگ اڳواڻ جو چوڻ هو ته خيبر پختونخواهه ۾ 2 نمبري جو نظام آندو ويو، ضلعي سطح تي ڪو نظام ناهي،

مڪاني نظام آئيني ڍانچو آهي، صوبائي اسيمبلي مان پاس ڪري يا آرڊيننس ذريعي لاڳو نٿو ڪري سگهجي، ان ۾ ترميم ڪرڻ لاءِ 2 ڏهائي اڪثريت لازمي هوندي..

وڌيڪ پڙهو: