پشاور ۾ يوم تاسيس جو جلسو ڪرڻ تي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ ٻين خلاف اليڪشن ڪميشن ۾ درخواست تي ٻڌڻي،
اليڪشن ڪميشن اڳواڻن کي موڪليل نوٽيس ۽ سعيد غني مٿان رکيل ڏنڊ واپس وٺڻ واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو،
سعيد غني چيو آهي ته پبلڪ آفيس هولڊر چونڊ مهم هلائي نٿو سگهي، جلسي ۾ نه تقرير ڪئي ، نه ئي ترقياتي اسڪيم جو اعلان ڪيو، ان باوجود ڏنڊ وڌو ويو،
عمران خان وزيرن سان گڏ ڪي پي ۾ تڪ جو دورو ڪري ترقياتي ڪمن جو اعلان ڪيو ، پوءِ عمران خان کي موت جي سزا ۽ جنم ٽيپ ملڻ گهرجي….