اهم خبرون

پاڪستان

August 6, 2022 7:07 pm

عمران خان کي بچائڻ وارن سندس مٿي تان هٿ مٿي ڪري ڇڏيا آهن: جاويد لطيف جي دعويٰ

مسلم ليگ ن جي اڳواڻ ميان جاويد لطيف دعويٰ ڪئي آهي ته عمران خان کي بچائيندڙن سر تان هٿ مٿي ڪري ڇڏيا آهن،

اليڪشن ڪميشن جي فيصلي سان عمران خان به نااهل ٿيندو ۽ سندس پارٽي تي به پابندي لڳائي ويندي.

جاويد لطيف وڌيڪ چيو ته جيئن عمران خان جو اصل چهرو سامهون اچي رهيو آهي ۽ سندس فريب به سامهون اچي رهيو آهي،

اهو وقت پري ناهي جڏهن پي ٽي آءِ جي ٽڪيٽ وٺڻ وارو به ڪو نه هوندو.

وفاقي وزير اها به دعويٰ ڪئي ته ميان نواز شريف 15 سيپٽمبر تي پاڪستان پهچندو.

وڌيڪ پڙهو: