سنڌ

October 29, 2021 1:04 pm

عمران خان ملڪ لاءِ رسڪ بڻجي چڪو آهي..

عمران خان ملڪ لاءِ رسڪ بڻجي چڪو آهي، جيڪا حڪومت معيشت نٿي سنڀالي سگهي ان کي اقتدار ۾ رهڻ جو به حق ناهي،

پيپلزپارٽي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته پارليامينٽ کي نظر انداز ڪرڻ سبب ملڪ ۾ بحران پيدا ٿي ويا، اسلام آباد پهچي اپوزيشن کي متحد ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس.

سکر جي احتساب عدالت ۾ پيشي جي موقعي تي ميڊيا سان  ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته پارليامينٽ کي نظر انداز ڪرڻ سبب ملڪ ۾ بحران پيدا ٿي ويا، هو جيل مان آزاد ٿي ويو آهي، اسلام آباد پهچي اپوزيشن کي متحد ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو.

خورشيد شاهه آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ريفرنس ۾ سکر جي احتساب عدالت ۾ پيش ٿيو، شاهد پيش نه ٿيڻ تي عدالت ٻڌڻي 8 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي..

وڌيڪ پڙهو: