پاڪستان

December 12, 2021 1:19 pm

عمران خان جي سربراهيءَ ۾ مافيا چوري ڪري رهي آهي : مريم اورنگزيب

ن ليگ جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته 2018ع ۾ آر ٽي ايس ويهاري نالائقن جي حڪومت آندي وئي،

نيب-نيازي ڳٺجوڙ دوران قومي احتساب بيورو کي استعمال ڪيو ويو،

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مريم نواز چيو ته  عمران خان جي سربراهيءَ ۾ مافيا چوري ڪري رهي آهي، ان جي ڪابه جاچ نه ٿيندي، جاچ رڳو مخالف ڌر خلاف ڪئي ويندي.

مريم اورنگزيب چيو ته لنڊن ڪورٽ جا فيصلا آيا ته شبهاز شريف ڪابه چوري ناهي ڪئي، خان صاحب جي آفيس ۾ اسٽوري گهڙَي حمزه شهباز کي 22 مهينا جيل ۾ رکيو ويو،

شهباز شريف کي ٽيون ڀيرو جيل ۾ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي،

مريم اورنگزيب چيو ته هڪ سال کان مٿي وقت گذرڻ باوجود ايف آءِ اي پاران ڪوبه چالان پيش ناهي ڪيو ويو..

وڌيڪ پڙهو: