اهم خبرون

پاڪستان

October 19, 2021 2:11 pm

عمران خان جي حڪومت  کي باقي 20 کان 22 مهينا رهجي ويا آهن : شيخ رشيد

وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته اپوزيشن سمجهي ڇڏي، هي گوڙ جو وقت ناهي، افواهه 10 کان 15 ڏينهن اندر ختم ٿي ويندا،اپوزيشن جو احتجاج قانون جي دائري ۾ رهي هوندو ته قبول ڪيو ويندو،ڪنهن به قانون هٿ ۾ کنيو ته ان کي سختيءَ سان منهن ڏنو ويندو.

نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي گهرو وزير چيو ته خطو اهم دور کان گذري رهيو آهي،اپوزيشن ذميواري جو ثبوت ڏئي.

هن چيو ته عمران خان جي حڪومت  کي باقي 20 کان 22 مهينا رهجي ويا آهن،اپوزيشن ڪا به غلط ڪئي ته ان سان مسئلا پيدا ٿيندا.

شيخ رشيد جو چوڻ هو ته حڪومت سوا 3 سال پورا ڪري ڇڏيا، 5 سال به پورا ڪندي، اپوزيشن افواهن جي سهاري تحريڪ هلائڻ چاهي ٿي..

وڌيڪ پڙهو: