سنڌ

May 14, 2022 6:13 pm

عمران خان جو ذهني توازن ٺيڪ ناهي،صوبائي وزير سعيد غني

صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته عمران خان جو ذهني توازن ٺيڪ ناهي، هو ملڪ ۾ گهرو ويڙھه ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، عمران خان پاڻ کي حق تي ۽ مخالفن کي باطل چئي رهيو آهي، ادارن کي تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش ڪامياب نه ٿيندي، سڀ پارٽيون چاهين ٿيون ته اسٽبلشمينٽ سياست ۾ مداخلت نه ڪري، آئين جي ڀڃڪڙي تي صدر عارف علوي ۽ پنجاب جي گورنر خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي.

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سعيد غني چيو ته عمران خان جو توشا خان،  بحران خان يو ٽرن خان کانپوءِ بم خان آهي، عمران جي سوچ ھميشھ نيگيٽو رھي آهي.

سعيد غني چيو ته عمران خان جو ذهني توازن ٺيڪ ناهي، هو ملڪ ۾ گهرو ويڙھه ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، عمران خان پاڻ کي حق تي ۽ مخالفن کي باطل چئي رهيو آهي، ادارن کي تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش ڪامياب نه ٿيندي .

وڌيڪ پڙهو: