پاڪستان

January 3, 2022 3:14 pm

عمران خان اڻ ڌريَي امپائر تي يقين رکي ٿو : فواد چوڌري

اطلاعات واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته عمران خان اڻ ڌريَي امپائر تي يقين رکي ٿو، احتساب واري عمل کان پوئتي نه هٽنداسين.

فيصل آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته ملڪ ۾ هن وقت معاشي ۽ سياسي استحڪام آهي، وڏين سياسي پارٽين کي خيال ڪرڻ گهرجي.

هن چيو ته پي ٽي آءِ وڏي سياسي پارٽي ۽ ن ليگ علائقي پارٽي آهي، سنڌ جو وڏو وزير سمجهي ٿو ته صحت ڪارڊ سان سندن ڪارڪردگي متاثر ٿيندي.

وفاقي وزير فواد چوڌري وڌيڪ چيو ته ملڪ هاڻي استحڪام طرف وڌي رهيو آهي، حڪومت احتساب واري عمل کان پوئتي نه هٽندي..

وڌيڪ پڙهو: