ن ليگ جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته حڪمرانن شهباز شريف دشمني ۾ هر منصوبي کي تڪراري بڻائي ڇڏيو آهي،
ڇا نواز شريف ۽ شهباز شريف چيو ته کنڊ ايڪسپورٽ جي اجازت ڏيو،
کنڊ جي قيمت وڌڻ کانپوءِ ٻيڻي اگهه تي کنڊ درآمد ڪئي وئي.
اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم اورنگزيب چيو ته ڪرپشن مافيا عمران خان کي پيسا ڏيندي ته ملڪ ۾ ڪرپشن ئي ٿيندي.
هن چيو ته وزيراعظم پنهنجي انٽرويو ۾ مخالف ڌر کي تنقيد جو نشانو بڻايو، عمران خان 8 سالن کان شريف فيملي فوبيان ۾ ورتل آهي.
ترجمان چيو ته مڙهيل وزيراعظم هن وقت به پاڻ کي ڪنٽينر تي بيٺل سمجهي ٿو،
عمران خان جي الزامن جي مذمت ڪريون ٿا.
ن ليگ اڳواڻ چيو ته وزيراعظم ملڪ جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو آهي،
عمران خان جي دل ۽ دماغ ۾ سياسي انتقام جي باهه وسامي ناهي، ان جي خلاف جاچ لاءِ نيب جا دروازا بند آهن.
هن چيو ته کنڊ، اٽي، مهانگائي اسڪينڊل تي به ڪنهن ٽن سالن ۾ ڪجهه به نه چيو آهي،
بلين ٽري سونامي، فارن فنڊنگ ڪيس، بي آر ٽي منصوبن تي ان کان ڪوبه پڇڻ وارو ناهي.