سڌ سماءَ جي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته قانون واري وزير فروغ نسيم سوال جو اهم آهي ته جيڪڏهن جج صاحب پنهنجي گهرواري ۽ ٻارن جي اثاثن جو ذميوار ناهي ته پوءِ سياستدان ۽ بيورو ڪريٽس جو احتساب ڪيئن ممڪن آهي؟
سوشل ميڊيا تي ٽوئيٽ ڪندي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته عدليه کي عالمي رينڪنگ ۾ پنهنجي تيزي سان ڪرِندڙ ساک جو جائزو وٺڻ جي ضرورت آهي.
هن چيو ته نئون چيف جسٽس جڏهن حلف کڻندو ته کيس ان چيلينج کي منهن ڏيڻو پوندو.
واضح رهي ته فروغ نسيم نجي ٽيليويزن جي هڪ پروگرام ۾ سپريم ڪورٽ جي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي گهر واري سرينا عيسيٰ جي نظرثاني جي درخواست تي آيل فيصلي تي تبصرو ڪري رهيو هو.
اعليٰ عدالت جي لارجر بينچ پنهنجي اڪثريتي فيصلي ۾ ڄاڻايو ته گهر واري ۽ ٻارن جو ذميوار ڪوبه جج ٿي نٿو سگهي….