سنڌ جي گهرو وزير ضيا لنجار چيو آهي ته شاگردن ۾ منشيات جي پکڙجڻ تي سخت خدشو آهي، ۽ منشيات جي نيٽ ورڪ جي مڪمل خاتمي تائين آپريشن جاري آهن.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي گهرو وزير ضيا لنجار چيو ته اهو اسان سڀني جي ذميواري آهي ته ڪراچي کي منشيات کان پاڪ ڪريون، سنڌ کي منشيات کان پاڪ ڪريون ۽ پاڪستان کي منشيات کان پاڪ ڪريون. شهرين کي منشيات جي لعنت کان بچائڻ اولين ترجيح آهي.
هن چيو ته هو پنهنجو ڪم ڪنهن ٻئي ڏانهن منتقل ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪري رهيو آهي، هر ڪنهن کي پنهنجي حد ۾ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.
صوبائي وزير ضيا لنجار چيو ته منشيات فروشن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي پئي وڃي، گرفتار ٿيل جوابدار اڳ ۾ مختلف ڪيسن ۾ گرفتار ٿي چڪا آهن.




