پاڪستان

December 14, 2021 1:03 pm

صوبن جي ترقياتي منصوبن لاءِ  رقم جي فراهمي روڪڻ جو فيصلو غير آئيني ۽ انتهائي ڳڻتي جوڳو آهي : شيري رحمان

پ پ اڳواڻ سينيٽر شيري رحمان  چيو آهي ته وفاقي حڪومت پاران صوبن جي ترقياتي منصوبن لاءِ  رقم جي فراهمي روڪڻ جو فيصلو غير آئيني ۽ انتهائي ڳڻتي جوڳو آهي.

ٽوئيٽ ڪندي شيري رحمان چيو ته وسيلن جي گهٽتائي جي ذميدار وفاقي حڪومت آهي، ايڪائيون نه.وفاقي حڪومت پنهنجو مالي بار صوبن تي نه وجهي.

هن چيو ته حڪومت پنهنجن آئيني ذميدارين  کان ڀڄي رهي آهي،صوبائي ترقياتي منصوبن ۾ وفاق کي آئين مطابق حصو ادا ڪرڻو پوندو.

پ پ اڳواڻ چيو ته ثابت ٿي چڪو اسلام آباد ۾ مڙهيل حڪومت صوبن کي گڏ کڻي هلي نٿي سگهي..

وڌيڪ پڙهو: