صوابي: خيبر پختونخواهه جي صوابي ضلعي ۾ تخريبڪاري جو منصوبو ناڪام بڻايو ويو، مقابلي ۾ ٻه دهشتگرد مارجي ويا، جيڪي ڪلابات چوڪي تي دستي بم حملي ۾ ملوث هئا.
تفصيل موجب، خيبر پختونخواهه جي صوابي ضلعي ۾، پوليس ٽوپي پوليس اسٽيشن جي حدن ۾ هڪ مقابلي دوران تخريبڪاري جو منصوبو ناڪام بڻائي ڇڏيو ۽ ٻن دهشتگردن کي ماري ڇڏيو.
پوليس چيو ته آپريشن دوران دهشتگردن جي قبضي مان ڳرا هٿيار ۽ هڪ موٽرسائيڪل هٿ ڪئي وئي آهي.
مارجي ويل دهشتگردن جي سڃاڻپ ياسر ۽ سعود عرف سويد جي نالي سان ڪئي وئي آهي.




