لاهور (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽر صهيب مقصود کي ٽي 20 ورلڊ ڪپ اسڪواڊ مان ڪڍيو ويو آهي ۽ ان جي جاءِ تي آل رائونڊر شعيب ملڪ کي شامل ڪيو ويو آهي.
صهيب مقصود کي قومي ٽي ٽوئنٽي دوران انجري ٿي هئي، جنهن کانپوءِ ورلڊ ڪپ ۾ سندس شرڪت سوال بڻجي وئي هئي.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي چيف ميڊيڪل آفيسرن ڊاڪٽر نجيب ۽ فزيو ڪلف ڊيڪن تازو صهيب مقصود جي زخم جو جائزو ورتو ۽ کيس آرام ڪرڻ جو مشورو ڏنو.
پي سي بي جو چوڻ آهي ته شعيب ملڪ کي صهيب مقصود جي متبادل طور ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي.