top_news

اهم خبرون

April 3, 2022 2:56 pm

صدر عارف علوي  وزير اعظم عمران خان جي تجويز تي قومي اسيمبلي ٽوڙي ڇڏي

صدر عارف علوي  وزير اعظم عمران خان جي تجويز تي قومي اسيمبلي ٽوڙي ڇڏي،

جنهن بعد وفاقي ڪابينا  ختم ٿي وئي آهي.وزير اعظم چيو آهي ته قوم عام چوندن  جي تياري ڪري، پرڏيهه مان پلانٽ ڪيل سازش ناڪام بنائڻ  تي  پوري قوم کي مبارڪون ڏيان ٿو.

قوم کي خطاب ڪندي وزير اعظم عمران خان  چيو ته پرڏيهه مان پلانٽ ڪيل  سازش  کي اڄ ڊپٽي اسپيڪر  رد ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تي سموري قوم مبارڪن جي حقدار آهي.

هن چيو ته سموري قوم  پريشان هئي ته غداري ٿي رهي آهي، مان انهن کي پيغام ڏئي رهيو آهيان  ته اهڙي سازش کي قوم  ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندي، اسان آئيني طاقت استعمال ڪندي بي اعتمادي جي رٿ رد ڪئي آهي.

وزير اعظم چيو ته صدر  کي اسيمبليون ٽوڙڻ  ۽ نين چونڊن  جي تجويز موڪلي ڇڏي آهي . قوم عام چونڊن جي تياري ڪري، مون کي گذريل ڏينهن کان پيغام  ڏنو پئي ويو ته  ماڻهو توهان سان غداري  ڪري رهيا آهن ۽ پئسا وٺي ڪري  بيوفائي ڪري رهيا آهن.

وڌيڪ پڙهو: