سنڌ

January 2, 2022 1:32 pm

صحرائي علائقي ٿرپارڪر ۾ آپگهات جي واقعن ۾ ڏينهون ڏينهن واڌ

غربت، بک ۽ بدحالي جي ور چڙهيل صحرائي علائقي ٿرپارڪر ۾ آپگهات جي واقعن ۾ ڏينهون ڏينهن واڌ ٿي رهي آهي،

گذريل سال 2021ع تي نظر وجهنداسين ته ان دوران سوا سئو جي لڳ ڀڳ ماڻهن انتهائي قدم کڻي پنهنجي زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو آهي،

سال 2021ع دوران آپگهات جا سڀ کان وڌيڪ واقعا ننگرپارڪر ۾ پيش آيا آهن، جتي 30 کان وڌيڪ ماڻهن پنهنجي زندگي جو انت آندو،

اهڙي طرح اسلام ڪوٽ تعلقو ٻئي ڏينهن ۽ ڇاڇرو تعلقو ٽئين نمبر تي رهيا، اسلام ڪوٽ ۾ 26 ۽ ڇاڇرو ۾ 21 ڄڻن خودڪشي ڪئي،

جڏهن ته مٺي ۾ 20، ڏاهلي تعلقي ۾ 9، ڏيپلي تعلقي ۾ 7 ۽ ڪلوئي تعلقي ۾ ٻن ڄڻ جي آپگهات جا واقعا رڪارڊ ٿيا.

ٿر ۾ آپگهات جا واقعا ڇو وڌي رهيا آهن؟ ان حوالي سان سنڌ حڪومت جي هڪ ڪاميٽي جاچ ڪرڻ بعد هڪ رپورٽ تيار ڪئي آهي،

جنهن قرار ڏنو آهي ته ٿر ۾ آپگهات جا واقعا غربت، سماجي روين سبب پيش اچي رهيا آهن.

رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ٿر ۾ معاشي صورتحال تمام خراب آهي، ڪرونا جي صورتحال سبب روزگار جي وسيلا گهٽجي ويا آهن،

ماڻهو بي روزگار ٿيڻ سبب گهرن تائين محدود ٿي ويا، ڪاروبار متاثر ٿيو آهي، مارو ماڻهن جو مال متاءِ تباهه ٿي ويو آهي،

ماڻهن گهر جو گاڏو هلائڻ لاءِ قرض کنيو پر تنگي سبب قرضن جون قسطون به ڀري نه سگهيا، جنهن ڪري به آپگهات جا واقعا پيش آيا.

ان کان سواءِ ٿر ۾ روزگار جا مناسب ذريعا ناهن، نوجوان طبقو واندو ويهي وقت گهارڻ تي مجبور آهي، انهن مان اڪثر اهو سمجهي ٿي ته اهي ڪم جهڙا ئي رهيا ناهن،

جنهن بعد مايوس ٿي انتهائي قدم کڻڻ تي مجبور ٿين ٿا،

ٿر ۾ زرعي شعبو به غريب هارين کي معاشي طور تي مضبوط نه ڪري سگهيو آهي،

ان جو سبب اهو آهي ته جيڪو فصل پوکيو ويو اهو مناسب اپت نه ڏئي سگهيو، جنهن ڪري هارين جو قرض به لهي نه سگهيو، الٽو وڌيڪ قرضي ٿي ويا آهن.

ٿر ۾ برساتون گهٽ پوڻ جي ڪري لڏپلاڻ به کڻي ٿئي ٿي، آمدني گهٽ ۽ قرض وڌيڪ کڻڻ غريب ماڻهو وڌيڪ مايوسين ۾ مبتلا ٿي وڃن ٿا.

رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته آپگهات جي واقعن ۾ واڌ جو هڪ ڪارڻ ننڍي عمر ۾ شاديون به آهن، ٿر ۾ نشي جو واهپو عام جام ٿي ويو آهي،

گهرن اندر ڪچو ٺرو تيار ٿي رهيو آهي، نوجوان طبقو نشي واريون شيون وڌيڪ واپرائي رهيو آهي،

وڏن گهراڻن جا والدين پنهنجي ٻارن تي گهٽ ڌيان ڏين ٿا، غربت سبب اهي سندن ضرورتون پوريون نه ٿا ڪري سگهن.

رپورٽ ۾ چيو ويو ته ٿر ۾ ڀوپن جو راڄ آهي، ڀوپا، درويش ۽ فقير قسم جا ماڻهو بيمارين ۽ مايوسين جي ور چڙهيل ماڻهن کي ورغلائين ٿا،

جن ۽ ڀوت جي بهاني عورتن، ٻارن ۽ نوجوانن تي تشدد به ڪن ٿا، اهي اٻوجهه ماڻهن ۾ خوف پکيڙي وڌيڪ مايوسين طرف ڌڪين ٿا،

جنهن ڪري ماڻهو ۾ غلط قسم جا خيال پيدا ٿين ٿا، جيڪي گهرو تڪرارن جي شدت اختيار ڪري وڃن ٿا.

رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته ٿر ۾ سوشل ميڊيا جو استعمال وڌي رهيو آهي،

اڻپڙهيل ماڻهو به فيس بوڪ ۽ يوٽيوب هلائن ٿا، سوشل ميڊيا جو غلط استعمال به آپگهات جي واقعن ۾ واڌ جو سبب بڻيو آهي.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ٿر جي اسپتالن ۾ سهولتون ناهن، هڪ ته ڊاڪٽرن جي کوٽ آهي، ٻيو ته جيڪي ايم ايل او وغيره مقرر ٿيل آهن،

اهي تربيت يافته ناهن، کين پوسٽ مارٽم ڪرڻ جي مڪمل ڄاڻ ئي ناهي، ايم بي بي ايس ڊاڪٽرن کي به خبر نه ٿي پوي ته آپگهات جا آڪارڻ ڪهڙا آهن؟

سماجي براين جي ڪري بي حسي ۽ لاچاري جو رجحان وڌي ويو آهي، آپگهات جي واقعن ۽ انهن جي سببن کي لڪايو وڃي ٿو،

ماڻهن جي اڪثر سمجهي ٿي ته سندن مسئلا نه ٿيندا انڪري به مايوسي ٿي آپگهات ڪن ٿا.

ان کانسواءِ پوليس به آپگهات جي واقعن تي خاص ڌيان نه ٿي ڏي، آپگهات ڪندڙ جا والدين به لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ کان لنوائين ٿا،

ٻيو ته ميڊيڪل رپورٽون دير سان اچڻ جي ڪري جوابدارن خلاف ڪارروائي متاثر ٿئي ٿي.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته آپگهات جي واقعن کي روڪڻ لاءِ جاڳرتا مهم هلائڻ جي ضرورت آهي، ان لاءِ سنڌ حڪومت کي سنجيده ڪوششون وٺڻ گهرجن،

ٿر ۾ ثقافتي پروگرام، کليل ڪچهريون، راندين جا پروگرام ۽ ميلا ڪرائڻ گهرجن،

ٿر جي اسپتالن ۾ علاج جو جوڳيون سهولتون فراهم ڪري نفسياتي سينٽر کولڻ سان گڏوگڏ ليبارٽيون به کولڻ گهرجن،

ماهر ڊاڪٽر مقرر ڪري لاشن جو پراپر پوسٽ مارٽم ٿيڻ گهرجي ته جيئڻ آپگهات جي اصل ڪارڻ جو پتو پئجي سگهي ..

وڌيڪ پڙهو: