اسلامي دنيا جي پهرين چونڊيل عورت وزيراعظم شهيد بينظير ڀٽو جي چوڏهين ورسي ملهائي پئي وڃي، ڳڙهي خدابخش ۾ جلسي جا انتظام مڪمل،
پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ ٻيا اڳواڻ خطاب ڪندا، اڳوڻو صدر آصف زرداري ورسي تقريبن ۾ شرڪت نه ڪندو،
ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان جيالن جي شهيدن جي ديس ڳڙهي خدابخش آمد جو سلسلو جاري،
بلاول ڀٽو زرداري، وڏو وزير مراد علي شاهه سميت پ پ اڳواڻ ۽ ڪارڪنن شهيد بينظير ڀٽو، سميت شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀري گلن جي چادر به چاڙهيندا،
ڳڙهي خدابخش، لاڙڪاڻو ۽ نئون ديرو ۾ سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا..