سنڌ

January 4, 2022 12:38 pm

شهرين لاءِ رڌ پچاءُ ڪرڻ چئلينج

سنڌ مان گئس جو بحران ختم نه ٿيڻ سبب شهرين لاءِ رڌ پچاءُ ڪرڻ چئلينج بڻجي وئي،

ڪاٺيون ۽ ايل اين جي مهانگا هئڻ سبب شهري رڌ پچاءُ ۾ سخت ڏکيائين کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهن.

ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻي، ميرپورخاص، شهيد بينظير آباد ڊويزنز ۾ گئس جي لوڊشيڊنگ ۽ گهٽ پريشر وارو سلسلو جيئن جو تيئن جاري آهي،

جنهن سبب شهري رڌ پچاءُ لاءِ تڪليفن کي منهن ڏئي رهيا آهن.

خيرپور ۽ مٺياڻي سميت اڪثر شهرن ۾ گئس جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ۽ گهٽ پريشر سبب رڌ پچاءُ محال بڻجي وئي آهي.

شهرين جو چوڻ آهي ته ڪاٺيون ۽ ايل اين جي به مهانگا آهن، گئس نه هئڻ برابر آهي، جنهن سبب رڌ پچاءُ ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ لڳي وڃن ٿا.

شهرين اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ۽ گهٽ پريشر وارو سلسلو ختم ڪري گئس جي بهتر انداز ۾ يقيني بڻائڻ جي گهر ڪئي آهي..

وڌيڪ پڙهو: