سنڌ

October 25, 2021 2:37 pm

شهرن ۾ ڌوڙ ۽ مٽيءَ کانسواءِ ڪجهه به ناهي : سپريم ڪورٽ جي طلب ڪرڻ تي مراد علي شاهه عدالت ۾ پيش

سپريم ڪورٽ سنڌ جي وڏي وزير کي اورنگي ۽ گجر نالن جَي متاثرن جِي بحالي جو حڪم ڏئي ڇڏيو، سپريم ڪورٽ جي طلب ڪرڻ تي مراد علي شاهه عدالت ۾ پيش ٿيو،

چيف جسٽس  وڏي وزير کي مخاطب ٿيندي چيو ته ڪو به اگر مگر نه گهرجي، بس متاثرن کي بحال ڪيو وڃي، ماڻهن روڊ رستن تي قبضا ڪري ڇڏيا آهن،

انتظاميا ڪٿي آهي؟، ڇا هي قانون جي حڪمراني آهي؟، اسان سڀ ڪجهه قانون موجب ٿيندي ڏسڻ چاهيون ٿا، شهرن ۾ ڌوڙ ۽ مٽيءَ کانسواءِ ڪجهه به ناهي،

ٻڌايو توهان وٽ صوبي لاءِ ڪهڙو پلان آهي؟، مراد علي شاهه عدالت کي ٻڌايو ته اسان قانون تي عمل ڪرڻ چاهيون ٿا،

اڳ کان ڪجهه بهتري آهي پر ڪجهه انتظامي معاملا به آهن، آفيسرز جي کوٽ آهي.

چيف جسٽس گلزار احمد سپريم ڪورٽ  ڪراچي رجسٽري ۾ اورنگي ۽ گجر نالن تي متاثرن جي بحالي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ،ايڊمنسٽريٽر ۽ اينٽي انڪروچمينٽ سيل جا عملدار ۽ ٻياعدالت ۾  پيش ٿيا.

عدالت ايڊووڪيٽ جنر سنڌ کان پڇاڻو ڪيو ته سنڌ حڪومت متاثرن جي بحالي لاءِ ڇا ڪيو آهي؟،

ايڊووڪيٽ جنرل عدالت ۾ رپورٽ پيش ڪندي چيو ته ڪجهه مالي مسئلا آهن، جنهن سبب ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن.

عدالت ايڊووڪيٽ جنرل کي رپورٽ تي بي اعتمادي ظاهر ڪندي وڏي وزير کي فوري طور طلب ڪيو.

وڏو وزير مراد علي شاهه عدالت آڏو پيش ٿيو، چيف جسٽس، وڏي وزير کان پڇاڻو ڪيو ته توهان وٽ صوبي لاءِ ڪهڙو پلان آهي؟

ماڻهن روڊ رستن تي قبضا ڪري ڇڏيا آهن، انتظاميا ڪٿي آهي؟، ڇا هي قانون جي حڪمراني آهي؟، اسان سڀ ڪجهه قانون موجب ٿيندي ڏسڻ چاهيون ٿا،

شهرن ۾ ڌوڙ ۽ مٽيءَ کانسواءِ ڪجهه به ناهي.

عدالت وڏي وزير کي نالا متاثرن جي بحالي جو حڪم ڏيندي چيو ته ڪو به اگر مگر نه گهرجي متاثرن کي بحال ڪيو وڃي.

مراد علي شاهه عدالت کي ٻڌايو ته اسان قانون تي عمل ڪرڻ چاهيون ٿا، اڳ کان ڪجهه بهتري آهي پر ڪجهه انتظامي معاملا به آهن، آفيسرز جي کوٽ آهي، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن مهينن کان غير فعال آهي، ڪجهه شيون اوپن ڪورٽ ۾ ٻڌائي نٿيون سگهجن..

وڌيڪ پڙهو: