پاڪستان

April 11, 2022 11:51 am

شهباز شريف ۽ پنجاب ۾ وڏي وزير جي اميدوار حمزه شهباز مٿان مني لانڊرنگ ڪيس ۾ فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو

وزيراعظم لاءِ گڏيل اپوزيشن جي نامزد اميدوار شهباز شريف ۽ پنجاب ۾ وڏي وزير جي اميدوار حمزه شهباز مٿان مني لانڊرنگ ڪيس ۾ فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو،

عدالت ٻنهي جي ضمانت ۾ 27 اپريل تائين واڌ ڪري ڇڏي.

لاهور جي بينڪنگ ڪورٽ ۾ ن ليگي اڳواڻن خلاف ميگا مني لانڊرنگ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران حمزا شهباز عدالت ۾ پيش ٿيو، جڏهن ته شهباز شريف پيش نه ٿي سگهيو.

وڪيل امجد پرويز حاضري کان ڇوٽ واري درخواست ڏيندي چيو ته شهباز شريف قومي اسيمبلي جي سيشن لاءِ اسلام آباد ۾ آهي، ان ڪري کيس حاضري کان ڇوٽ ڏني وڃي.

شهباز شريف جي غير موجودگي سبب ڪيس ۾ اڄ به فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو، عدالت ٻڌڻي 27 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

عدالت چيو آهي ته ايندڙ ٻڌڻي تي جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ٿيندو، ايف آءِ اي کي ايندڙ ٻڌڻي تي هدايتون وٺي آگاهه ڪرڻ جي هدايت به ڏني وئي.

عدالت شهباز شريف ۽ حمزا شهباز جي ضمانت ۾ ايندڙ ٻڌڻي تائين واڌ ڪري ڇڏي..

وڌيڪ پڙهو: