پاڪستان

November 26, 2021 4:17 pm

شهباز شريف جو چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا  کي اهم خط

ن ليگ جي صدر ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف چيف اليڪشن ڪمشنر  سڪندر سلطان راجا  کي اهم خط لکي ڇڏيو.

شهباز شريف چيف اليڪشن ڪمشنر  کان ڊسڪا اليڪشن چوري ۾ ملوث آفيسرن ۽ عملي جي خلاف قانوني ڪارروائي جو مطالبو ڪري ڇڏيو.

خط ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پردي جي پٺيان  ويهي چونڊ ڌانڌلي ڪرائڻ، غير قانوني هدايتون ڏيندڙ وفاقي ۽ صوبائي حڪومت  جي ذميدارن کي وائکو ڪري ڪارروائي ڪئي وڃي.

هن چيو ته وڌيڪ جاچ ڪري وفاقي ۽ صوبائي سطح تي ذميدارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.

شهباز شريف چيو ته ضلعي انتظاميا کي مجرماڻن ارادن تحت هدايتون جاري ڪندڙن کي پڪڙيو وڃي،

اليڪشن ايڪٽ جي سيڪشن 191 تحت ڊسڪا اليڪشن  ۾ ڌانڌلي ڪندڙ سمورن آفيسرن خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي، ضابطا اخلاق ۾ ترميم ڪئي وڃي..

وڌيڪ پڙهو: